قاضي احمد( ن پ ا) قاضي احمد ويجهو موبائلو فون نه وٺي ڏيڻ تي نوجوان زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڳوٺ حاجي خان مري ۾ 22 ورهين جي دل خان مري زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي
ٻڌايو پيو وڃي ته دل خان والد کي موبائل فون وٺي ڏيڻ جو چيو جنهن کان انڪار تي نوجوان زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارث مڙهه گهر کڻائي آيا جنهن تي ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو