قاضي احمد ۾ ٽول پلازا لڳائڻ خلاف ٻئي ڏينهن به نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو، جمعي تي هڙتال جو سڏ

قاضي احمد ۾ ٽول پلازا لڳائڻ خلاف ٻئي ڏينهن به نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو، جمعي تي هڙتال جو سڏ

قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد ۾ باءِ پاس روڊ تي ٻيھر ٽول ٽيڪس لڳائي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ واري عمل خلاف سول سوسائٽي جي  ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمان جوڻو، امير حسين ساجدي، ساجن ڪنڀر، ايم بي ڏاھري، آرزو سنڌي، نظر شاھه  سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ٻئي ڏينھن به قاضي احمد وچ شھر مان گذرندڙ نيشنل ھاءِ وي روڊ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي، احتجاجي ڌرڻي ۾ قوم پرست ڪارڪنن، سياسي سماجي، مذھبي اڳواڻن شھرين  سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪري ٽول پلازا لڳائڻ واري عمل کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي جمعي ڏينهن 24 اپريل تي شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو، اڳواڻن چيو ته قاضي احمد ۾ غيرقانوني طور تي ٽول پلازا لڳايو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي، قاضي احمد شھر کان ٿوري فاصلي تي جھلو مسجد وٽ اڳ ئي ناجائز غير قانوني ٽول پلازا قائم ڪيو ويو آھي وري ٿوري ئي فاصلي تي ٻيو ٽول قائم ڪرڻ ھتان جي ماڻھن سان ناانصافي آھي.