| قاضي احمد: 2 خونن جو جرڳو: ھڪ خون ثابت: ٻيو ساک سان مشروط: 70 لک ڏنڊ |
قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد ۾ قتل ٿيل 2 ڄڻن جو جرڳو: ھڪ خون ثابت: ٻيو خون ساک سان مشروط: 70 لک رپيا ڏنڊ، ان ڏس ۾ چار سال اڳ سرحد ھوٽل تي ويٺل وٽرنري ڊاڪٽر عزيز کوسو ۽ ڪجھ مھينا اڳ ڪار سوار عابد کوسو جي قتل وارن واقعن تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جو فيصلو اڳوڻي ايم اين اي وڏيري محمد خان جوڻيجو جي سرپئنچي ھيٺ سرڪٽ ھائوس نوابشاھ ۾ ٿيو، فيصلي ۾ ٻنھي جھيڙندڙ ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد نوابشاھ جيل ۾ قيد عبدالرشيد کوسو واري ڌر مٿان ڊاڪٽر عزيز کوسو جو خون ثابت ٿيڻ تي 70 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته ٻي ڌر جو قتل ٿيل عابد کوسو جو خون ڊاڪٽر عبدالرشيد کوسو ۽ عبدالفتاح کوسو مٿان ثابت ٿي نه سگھيو، فيصلي ۾ طئه ٿيو ته الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر عبدالرشيد کوسو ۽ عبدالفتاح کوسو قران پاڪ تي ساک ڏيندا ته انهن مقتول عابد کوسو جو خون ناهي ڪيو يا کين انهي قتل بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، ساک نه ڏيڻ جي صورت ۾ اهي ٽيڻ تي ڏنڊ ڀريندا، فيصلي دوران مقتول عزيز کوسو جي ڌر جي رحيم کوسو پاران شاھدي جي ساک نه ڏيڻ تي 20 لک رپيا ڏنڊ چٽي مان ڪاٽي باقي 50 لک رپيا ڏنڊ جي رقم جي ادائگي جي فتوي جاري ڪئي وئي، فيصلي بعد ڌريون رنجشون تڪرار ختم ڪري کير کنڊ ٿي ويون، فيصلي ۾ طئه ڪيو ويو ته ٻئي ڌريون ھڪٻئي مٿان داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ لکي ڏينديون، فيصلي ۾ مقتول ڊاڪٽر عزيز کوسو جي ڌر پاران حاڪم خان نوحاڻي ضلعي چيئرمين علي اڪبر جمالي رسول بخش کوسو امين طور شامل ٿيا، جڏھن ته مقتول عابد کوسو جي ڌر پاران ٽائون چيئرمين قاضي احمد ڄام چنگيز انڙ، پير اشرف ۽ ذاڪر حسين زرداري امين ھئا، فيصلي ۾ پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو به شرڪت ڪئي