اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) نگران سرڪار رجسٽرڊ افغانين کي گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي جنهن بعد قانوني دستاويز رکندڙ افغان پناهگير عارضي طور تي پاڪستان ۾ رهي سگهندا
نگران وفاقي حڪومت افغان پناهگيرن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب قانوني دستاويز رکندڙ افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ تحفظ حاصل هوندو
نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد قانوني دستاويز رکندڙ افغان شهرين تان نيڪالي جو خطرو ٽري ويو آهي، پي او آر يا اَي سي سي ڪارڊز رکندڙ افغان پناهگير پاڪستان ۾ رهي سگهندا، وفاقي ڪابينا جي ايندڙ فيصلي تائين رجسٽرڊ افغان پناهگير عارضي طور رهي سگهن ٿا
نوٽيفڪيشن ۾ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي گرفتار نه ڪيو وڃي
واضح رهي ته پاڪستان ۾ 17 لک 30 هزار افغان شهرين وٽ رهائشي دستاويز ناهن، کين پهرين نومبر تائين پاڪستان ڇڏڻ جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي