قانون لاڳو ڪندڙن جي داداگيري: نه بيهڻ تي پوليس گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، نوجوان فوت، ايس ايچ او معطل

قانون لاڳو ڪندڙن جي داداگيري: نه بيهڻ تي پوليس گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، نوجوان فوت، ايس ايچ او معطل

نوري آباد(رپورٽ: عالم پالاري) نوري آباد موٽر وي روڊ تي سادا ڪپڙا پاتل  ايس ايچ او سليمان لاشاري ۽ سندس ٽيم پرائيوٽ ماڻھن سان گڏ هٿيارن سوڌو  ڪرولا ڪار کي روڪيو نه روڪڻ تي سندس پيچو ڪري ڪار کي ٽڪر  ھنيو  جنھن جي نتيجي ۾ 18 ورھين جو نوجوان حميد الله  بروھي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته آصف بروھي شديد  زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان آصف بروھي ميڍيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪراچي کان ٽنڊو آدم شادي تي پئي وياسين ته پرائيوٽ ڪار ۾ سول ڪپڙا پھريل ماڻھن ھٿيار ڏيکاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي اسان سمجھوسين ته ڪي ڦورو آھن گاڏي نه روڪي جنھن تي انهن پٺيان گاڏي ڀڄائي اچي ٽڪر ھنيو ، زخمي آصف بروھي ۽ فوتي جي وارثن  آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪندي چيو ته اھڙن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او سليمان لاشاري کي معطل ڪري ڇڏيو