وفاقي سرڪار پاران قانون ۽ آئين جي لتاڙ:ڪالاباغ ڊيم جو حامي ظفر محمود ارسا چيئرمين مقرر:سنڌ جو احتجاج: مقرري واپس وٺڻ جو مطالبو

مارچ 13, 2024

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو رپورٽ/اسٽاف رپورٽر)وفاقي سرڪار قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي ڪالاباغ ڊيم جي ڪٽر حامي ۽ واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو

وزيراعظم جي سيڪريٽري جي صحيح سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ارسا جي ترجمان ۽ سنڌ سرڪار ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مقرري تي اچرج جو اظهار ڪيو آهي

ارسا ترجمان خالد ادريس راڻا چيو آهي ته ارسا جو چيئرمين وفاق يا صوبن جي نمائندن مان ئي ڪو ٿي سگهي ٿو، هن وقت بلوچستان سان تعلق رکندڙ ميمبر ارسا جو چيئرمين آهي، نئين چيئرمين جي مقرري بابت ڪا ڄاڻ نه آهي

ذريعن موجب نگران سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي هئي، ترميمي ايڪٽ تحت ارسا جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف سنڌ سرڪار  ظفر محمود کي ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ تي احتجاج ڪيو آهي، سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ظفر محمود کي ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا، وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها مقرري فوري طور واپس ورتي وڃي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڄام خان شورو چيو ته صوبن کي گڏجي هڪ متفقه ارسا ايڪٽ آڻڻ ۾ 40 سال لڳي ويا هئا، نگران حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪيئن پئي ڪري سگهي، اهڙي ڪا ترميم ڪئي وئي آهي ته فوري طور واپس ورتي وڃي

هن چيو ته سنڌ ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مقرري کي نه قبول ڪندي ۽ نه وري برداشت ڪندي

Leave A Comment