“قبرستان اسان جو آهي، لاش دفنائڻ نه ڏينداسين” ڪي اين شاهه ۾ ڪانڌين تي فائرنگ، 2 زخمي، ڦرلٽ

“قبرستان اسان جو آهي، لاش دفنائڻ نه ڏينداسين” ڪي اين شاهه ۾ ڪانڌين تي فائرنگ، 2 زخمي، ڦرلٽ

خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاھ جي ماڏو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪارو کبڙ ۾ ڳوٺ ماڻو خان چانڊيو جي رهواسي نوجوان محمد شريف ولد شمن چانڊيو ڪينسر جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو جنھن جي تدفين لاءِ ڪاڇي جي ڪارو کبڙ جي قبرستان سھراب فقير ۾ سامي کوٽڻ ويا ته اتان جي رهواسين قبر کوٽڻ ۽ دفنائڻ کان روڪيو ۽ مٿس فائرنگ ڪري 65 ورھين جي گل محمد ولد حاجي آچر چانڊيو ۽ نوجوان شان حسين ولد محمد پنھل چانڊيو کي گوليون هڻي شديد زخمي ڪري چار موٽرسائيڪلون ٻه موبائل فونون ۽ 30 ھزار روڪ رقم کسي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا زخمين کي تعلقه اسپتال خيرپور ناٿن شاھ آندو ويو زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو . جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا نه ئي وري ڪيس داخل ٿي سگهيو. زخمي گل محمد چانڊيو جي ڀاءُ مکڻو چانڊيو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناهي اسان جو نوجوان محمد شريف چانڊيو ڪينسر جي بيماري سبب فوت ٿي ويو جنھن کي دفنائڻ لاءِ ڪاڇي جي علائقي سھراب فقير قبرستان ۾ دفنائڻ وياسين ته ڳوٺاڻن ڪانڌين مٿان فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي ۽ ظلم ٿيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته عبدالغفار ڪاڇيلو ڇيو ته تعلقا اسپتال ۾ ڪا به سھولت ڪون آھي ايمبولينس نه ھجڻ ڪري زخمين کي پرائيويٽ گاڏي ۾ کڻي لاڙڪاڻي اسپتال وڌيڪ علاج لاءِ کڻي پيا وڃو. جڏھن ته ڪانڌين ميت کي واپس کڻي خيرپورناٿن شاھ ٻرسان ميوو فقير جي قبر ستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، زخمي گل محمد چانڊيو جي ڀاءُ مکڻو چانڊيو وڌيڪ چيو ته ھٿياربندن ھمراھن کي زخمي ڪري چار موٽرسائيڪلون ٻه موبائل فونون 30 ھزار روڪ رقم کسي ويا