قبوسعيدخان ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ: بلوچستان واسي ليويز اهلڪار قتل
اپريل 30, 2025
شهدادڪوٽ/قبوسعيدخان(نمائندن وٽان) قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ھٿياربند هٿان 40 ورهين جو ليويز اهلڪار الطاف مگسي قتل، قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد سم شاخ لڳ حسيني چوڪ تي موٽرسائيڪل سوار ٻن نامعلوم هٿياربندن ليويز اهلڪار الطاف مگسي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. علائقي واسين مقتول جو لاش تعلقه اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر کين قتل ٿيڻ جي تصديق ڪئي، مقتول جي سڃاڻپ الطاف مگسي طور ڪئي وئي، جيڪو بلوچستان جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، قبو سعيد خان پوليس ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي جلد مقتول جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.