قبو سعيدخان ۾ 2 نينگريون ٻڏي فوت
جُون 30, 2025
قبوسعيد خان (پنهنجي ڊيسڪ) قبوسعيدخان لڳ واٽر ڪورس ۾ وهنجندي ٻه نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون آهن،
واقعو ڪچي پل قبرستان ڀرسان پيش آيو آهي، فوتين ۾ 12 ورهين جي غوري ڌي غلام قادر ڀٽي فقير ۽ 14 ورهين جي فاطمه ڌي ميرحسن ڀٽي فقير واٽر ڪورس ۾ وهنجندي ٻڏي ويون. ٻنهي کي وارثن فوري طور تي واٽر ڪورس مان ٻاهر ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻنهي نيگرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي،
ڊاڪٽرن ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا، ٻنهي نياڻين جا لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو افسوسناڪ واقعو پوري علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي.