قبيلائي ويڙھ جو آخرڪار حل ڇا آھي؟ … طيب جتوئي

                 2024 ۾ شروع ٿيل جتوئي مھر تڪرار جي نبيري لاءِ ھلندڙ سال جي 20-21 اپريل تي ٻن ڏينھن تائين سکر سرڪٽ ھائوس م ڳالھيون ڪيون ويون، سرڪار جي سرپرستي ھيٺ ٿيل انھن ڳالھين جو ڪوبه نتيجو نه نڪري سگھيو آھي، جنھن ڪري ھيل تائين شڪارپور ۽ پني عاقل واري علائقن جو امن داء تي لڳل آھي، ڏوھاري قسم جا ماڻھو فتوي نه اچڻ کان اڳ ئي مڊل ڪلاس جي ماڻھن کان مبينا طور ڦرلٽ ڪري رھيا آھن، پورھيت ھن شديد مھانگائي ۾ ڀتا ڀري ڀري پريشان ٿي ويا آھن، انهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وڃي ٿي. توڙي جو سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان غير قانوني قرار ڏئي انھن تي پابندي پيل آهي پر ان عدالتي حڪم کي 22 سال گذرڻ باوجود ان تي عمل نه پيو ڪرايو وڃي. ھاڻي جڏھن کان سرڪار سرينڊر پاليسي جوڙي آھي تہ وڏيرن کي جرڳا ڪرڻ جو ڄڻ ته لائسنس ڏنو ويو آھي، ھو نہ رڳو سر عام ڪلاڪ ويھي درجنين خونن جو جرڳو ڪري فيصلو ڏئي ڇڏين ٿا، پر افسوس آھي جو انھن جرڳن ۾ اڌورو انصاف به نه پيا ڏياري سگھن، جنھن ڪري ماڻھو شڪايت يا تنقيد ڪن ٿا تہ مٿن ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، اھڙا پرچا گھوٽڪي ضلعي م ڪٽيا ويا آھن، ٽن الڳ الڳ ايف آء آرن ۾ صحافي علي بخش ميراڻي سميت عام ماڻھو بہ نامزد ٿيل نظر آيا. ڏوھ اھو ھو تہ ھنن جرڳي بابت جائز تنقيد ڪئي ھئي، جڏھن تہ جرڳن بابت جائز تنقيد ڪرڻ تي به ڪيس داخل ٿيڻ مان اھو ثابت ٿئي پيو تہ اھو سڀ ڪجھ سرڪار پاڻ ڪرائي ٿي. جڏھن غريب ماڻھن کان ڏوھاري قسم جا ماڻھو چٽيون ڀرائي رھيا آھن، ڀتا وصول ڪن ٿا تہ حڪومت  خاموش ڇو آھي؟ غير قانوني قرار ڏنل جرڳا ڪرائي سگھجن ٿا ته عام ماڻھن کي تحفظ ڇونه پيو ڏياريو وڃي؟

عام ماڻھن جو چوڻ آھي ته 20-21 اپريل کان جڏھن سکر سرڪٽ ھائوس ۾ جتوئي- مھر تڪرار م قتل ٿيل 56 ماڻھن جي خونن جون ڳالهيون ٿيون آھن تہ بعد ۾ بدامني جي باھ ٻري وئي آھي، گھر کان اسپتال تائين مريض به منتقل نه پيو ٿي سگھي، رستن تي ڏينھن جو ٽولا ڪري بيٺل ھٿياربند ڦرلٽ ڪري وڃن ٿا، لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس اھو چئي جند ڇڏائي پئي ته قبيلائي جھيڙي ۾ قتل ٿيل 56 ماڻھن جي اڃا فتوا نه آئي آھي، قبيلائي ماڻھو رستن تي ھٿيار کڻي بيھندا ته ڇا ڪريون؟

جتوئي- مھر تڪرار جي فتوا ڪھڙي سبب ڪري اڃا تائين رڪجي وئي آھي، ڪجھ ماڻھن جون ڳالھيون سامھون اچڻ پيون ته ڇڪتاڻ دوران جڏھن اڃا ويڙھ ۾ چڱن مڙسن فائربندي نه ڪرائي ھئي ته شڪارپور پوليس خانپور تعلقي اندر قبيلائي جھيڙن ۾ گھربل ماڻھن خلاف آپريشن ڪيو ھو، جنھن ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا ھئا، مارجي ويلن ۾ ھڪ اسڪول جو شاگرد به شامل ھو ۽ ٻين تي به ڪيس داخل نہ ھئا، جنھن ڪري انھن جا ماڻھو اھا رڪاوٽ رکي ويٺل آھن تہ اسان پھريان ڳالھين جي ميز تي نه اينداسين، جيتوڻيڪ اسان کي پوليس جي مبينا آپريشن ۾ مارجي ويل ٽنھي ماڻھن جا معاوضا نه ملندا، ھاڻي اھو مسئلو سامھون اچڻ کانپوءِ ماڻھو سوال ڪري رھيا آھن ته قبيلائي ويڙھ جو آخرڪار حل ڇا آھي؟ جتوئي- مھر تڪرار جون ڳالھيون ٿيڻ باوجود اڃا تائين فتوا ڇونه پئي اچي تہ ذات جي بنياد تي مزدوري ڪرڻ بدران گھرن ۾ خوف سبب بيروزگار ويھي بکون ڪاٽيندڙ ماڻھن تان مصيبت ختم ٿئي، ڇاڪاڻ ته جرڳي جي فتوا جيئن دير ڪري ٿي، تيئن ئي قبيلائي دھشتگرد ذاتي دشمني جي آڙ وٺي روڊن تي نڪري اچن ٿا، ماڻھن کان ڦرلٽ ڪن ٿا، شايد کين پوليس ڪنھن مجبوري سبب گرفتار نه پئي ڪري سگھي، نه ئي وڏيرا ڏوھاري ماڻھن کي روڪڻ لاء تيار آھن. 

جتوئي- مھر جرڳي جي فتوا بابت ڪجھ اھڙا بہ معاملات سامھون اچڻ لڳا آھن تہ پوليس آپريشن ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن کي خونن کان وڌيڪ چڱن مڙسن کي پاڻ بچائڻ جو فڪر ٿيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھنن جرڳي کانپوءِ فتوا کان اڳ ھڪٻئي تي عدم اعتماد جو اظھار ڪيو آھي، ھنن ھڪٻئي تي ڪاوڙ ۽ ڏک جو به اظھار ڪيو آھي ته ڪجھ راز پاڻ ھڪٻئي جا ظاھر نہ پئي ڪرڻ چاھياسين، جيڪي آئوٽ ٿي ويا آھن، خبر ناھي تہ اھي راز ڪٿي ۽ ڪيئن آئوٽ ٿيا آھن، جنھن ڪري جرڳي کانپوءِ 56 خونن جي فتوا ۾ رڪاوٽ آئي آھي. شڪارپور ۽ پني عاقل واري علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي رائي آھي تہ جيڪڏھن وڏيرا جرڳي جي فتوا نه پيا ٻڌائي سگھن ته قبيلائي دھشتگري جي نالي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪندڙ عنصرن کي پڪڙي قانون حوالي ڪن٫ جيئن ڪنھن نه ڪنھن صورت م امن جي فضا قائم ٿي سگھي.