قبي سعيد خان ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڏير هٿان ڀاڄائي ۽ نوجوان قتل
جنوري 24, 2025
قمبر/قبوسعيدخان (نمائندن وٽان) قبوسعيدخان لڳ ربي پل ٿاڻي جي حد ڳوٺ رئيس تاج محمد چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، ڳوٺ تاج محمد چانڊيو ۾ جوابدار پنهنجي ڀاڄائي 20 ورھين جي رخسانه ۽ 24 ورهين جي بخت علي چانڊيو کي ڪارنهن الزام هيٺ رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.