| قدامت جي لحاظ کان سنڌي ٻولي اردو کان وڏي آھي، پر درجابندي همٿ افزائي واري ناهي: ٻولي ماهر |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٻوليءَ ماهرن، محققن ۽ عالمن چيو آهي ته ” دنيا جون ٻوليون هڪٻئي جو اثر وٺنديون ۽ زنده ٻوليون ئي ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ ضم ڪنديون ۽ ڏينديون آهن. علمي، معاشي، ثقافتي طور تي مضبوط ۽ حڪمران طبقي جون ٻوليون ٻين ٻولين تي گهرو اثر ڇڏينديون آهن. ” اهڙو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران” سنڌي ٻوليءَ تي مختلف ٻولين جا اثر” جي عنوان هيٺ گهرايل ڪانفرنس ۾ مختلف عالمن ۽ اسڪالرن خطاب ڪندي ڪيو آهي. صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري چيو ته ٻولين ھڪ ٻئي کي لفظ ڏنا آھن ۽ انھن جو ھڪ ٻئي تي اثر رھيو آھي، سنڌي ٻوليءَ جو عربي ۽ فارسي سان تعلق ھڪ ھزار سال کان وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ انگريزين جي حڪومت ۾ 1853ع ۾ سنڌي جي موجوده معياري صورتخطي ٺھي ان کان اڳ فارسي رائج ھئي، ايتري قدر جو ڏکئين سنڌي لفظن جي معني به فارسي ۾ ڏسڻي پوندي ھئي. هاڻ سنڌي پنھنجي مستقل مزاج واري زبان آھي ڪنهن ٻوليءَ جي لفظن کي کڻي ٿي ته اھا پنهنجن شرطن تي کڻي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته ٻولي بابت مستقل معاملا آهن جن سان ٻولي اڳتي وڌي سگھي ٿي. قانونسازي بهترين ٿيل آهن پر خانگي اسڪولن جي گهٽ دلچسپي سبب سنڌي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي جنهن جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌي ٻولي کي معياري ۽ عالمي ٻولي تڏهن ڪري سگهنداسين جڏهن ان ۾ علمي اضافو ڪنداسين. ناليواري ٻولي ماهر ڊاڪٽر آفتاب ابڙي سنڌي تي پالي ٻولي جي اثرن بابت ڳالهائيندي چيو ته گھڻن عالمن کي پڻ سنڌي تي پالي جي اثر جي واقفيت نه ھوندي. پالي جي لفظي معني لڪير آهي. پالي ڌنارن جي ٻولي آهي، سنڌي جو لفظ پاليندڙ ان مان نڪتل آهي. پالي جون پاڙون سنڌ ۾ کتل آهن. سنڌ ۾ راءِ گھراڻي جي حڪمراني دور ۾ سنڌ جي رياستي ۽ حڪمرانن جي ٻولي ھئي. ناليواري محقق مختيار احمد ملاح چيو ته سنڌي ٻوليءَ تي مختلف ٻولين جو اثر رھيو آھي، حڪمرانن جي ٻولي ٻين ٻولين تي حاوي رھندي آھي ان ڪري سنڌي ٻولي تي انگريزي جو تمام وڏو آهي تعليم جا گھڻا ذريعا انگريزي ۾ آھن. پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري چيو ته انگريزي جا ڪافي لفظ اسان جي ٻولي ۾ ضم ٿي ويا آهن، ناليواري محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم آزاد سميجي چيو ته فارسي ۽ سنڌ جا انتقامي لاڳاپا رھيا آھن.آريا سنڌ جا رھاڪو ھئا پوءِ دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويا، وري ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا، سندن سفر سان گڏ فارسي ٻين تائين پھتي سنڌ انتظامي طور فارسي سان ڳنڍيل رھي آھي. ان ڪري فارسي جا پھاڪا ، محاورا اثر انداز رھيا. ناليواري آرڪيالجسٽ ۽ محقق عزيز ڪنگراڻي چيو ته سنڌي ٻوليءَ نھايت قديم ٻولي آھي، سنڌي ٻولي ۾ دراوڙي ٻولي جي لِڇ رکي ٿي،ان ڪري دراوڙي ٻولي جا لفظ گھڻي تعداد ۾ موجود آهن. استاد ۽ عالم راجڪمارسنڌي تي ھندي جو اثر تي ڳالھائيندي چيو ته ھندي پاڙيسري ٻولي آھي ۽ ڪاروبار ۽ ادب جي ذريعي ٻولي وڌي آهي، ھندي جا ڪيترائي لفظ سنڌي ۾ شامل آهن. شاھ ۽ سچل جي ڪلام ۾ به بي شمار لفظ شامل آهن.ڀٽائي جي راڳن جا نالا به ھندي ۾ آھن. رشتن ، ناتن ،سماجي اٿڻ، ويھڻ ۾ به ھندي ٻولي جو اثر واضح آهي .اردو جي ناليواري اسڪالر پروفيسر شاهد ڪمال سنڌي تي اردو جو اثر تي ڳالھائيندي چيو ته اردو ۾ سنڌي لفظن جو ذخيرو موجود آهي. معيشت ۽ رابطي جي ٻولي هئڻ ڪري اردو ٻولي سنڌي تي اثر وڌو. مرزا قليچ بيگ شاعري ۽ نثر اردو ۾ لکيو ۽ ٻين سنڌي شاعرن به اردو ۾ ڪافي لکيو آهي. قائد اعظم يونيورسٽي جي پروفيسر منظور ويسريي چيو ته سنڌي ۽ اردو پاڪستان جون ٻوليون آهن. قدامت جي لحاظ کان اردو سنڌي کان ننڊي ٻولي آھي ۽ ھزارين سالن جي تاريخ رکندي به اردو جو سنڌي تي اثر پيو. ورھاڱي کان پوءِ سنڌ جي گھڻن شھرن جي ٻولي اردو ٻولي بنجي وئي ۽ اتي سنڌي ٻولي گهٽ ٿي وئي عربي ۽ سنڌي جي ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر محمد ادريس سومري چيو ته عام راءِ اها آهي ته سنڌي ۽ عربي جو ڳانڍاپو محمد بن قاسم جي ڪري ٿيو. پر تحقيق ۾ اهو چٽو آهي ته سنڌي جو عربي سان تعلق پاڻ سڳورن جي وقت کان وٺي آھي، ان وقت ۾ پنج صحابه سنڌ ۾ اسلام جي دعوت کڻي آيا، اهي هتي ماڻهن سان مليا ۽ پوءِ انهن مان ٻه اصحابه هتان جي عالمن کي اتي وٺي ويا. استاد ۽ ليکڪ عبدالرحمن جسڪاڻي چيو ته عربي الھامي زبان آھي. ۽ قديم ٻولي آھي. قرآن پاڪ جي نزول کان پوءِ عربي ٻولي جي اھميت وڌي وئي جاھلت جي زماني ۾ به ٻولي جي اھميت ھئي، سنڌي ٻوليءَ تي عربي ٻولي جو صديون اڳ اثر رھيو آھي. اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاھاڻي چيو ته عالمن، ماھرن ۽ محققن سروي ۾ دنيا جي ٻولين جي جيڪا درجابندي ٿيل آهي، اھا حوصلا افزائي واري ناھي سنڌي. 100 ٻولين 70 نمبر تي آهي ۽ سنڌي ٻولي اردو، گجراتي کان پوئتي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالھه آھي ۽ اڄ جي ڪانفرنس ۾ اميد ٿا ڪريون ته محققن ۽ عالمن جي مشورن سان سنڌي ٻولي جي ترقي جو نئون گس ملندو.