قدرتي وسيلن جي ليز مقامي ماڻهن کي ڏيو، فطرت سان هٿ چراند بند ڪريو: ٿر ڪلائميٽ مارچ

قدرتي وسيلن جي ليز مقامي ماڻهن کي ڏيو، فطرت سان هٿ چراند بند ڪريو: ٿر ڪلائميٽ مارچ

ڏيپلو (ن پ ا) ٿر جي سڄاڻ ڌرين لوڻ کاڻن سميت سمورن قدرتي وسيلن جو ليزون مقامي ماڻھن کي ڏيڻ ۽ فطرت سان ھٿ چراند روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ٿر سٽيزن فورمپاران ڪول پروجيڪٽن ، چائنا ڪلي، لوڻ جي کاڻن، سرن جي بٺن، ڪپن ۽ وڻن جي واڍي سبب ماحولياتي تباهي خلاف “صاف سٿري ۽ سرسبز ماحول لاءِ واجهائيندڙ ٿر” جي عنوان سان شروع ٿيل 5 ڏينھن جو ڪلائميٽ مارچ ٻئي ڏينھن ڏيپلو پھچي ويو، ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، اعجاز بجير، ارباب گروپ اڳواڻ ارباب احسان، عمران باغي، عبدالرحمان اوٺو، ميوارام ساقي، عمر بجير، ارباب خالد، عظمي ابڙينگ، ايڊووڪيٽ قربان سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن جو قافلو ڪلوئي کان موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي جي صورت ۾ ڏيپلو پھتو، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي سميت سمورن قدرتي معدني وسيلن تي مقامي ماڻهن کان حق کسي ڪمپنين ۽ بااثرن حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٿر جي وسلين تي ملندڙ رائلٽي جا اربين روپيا به ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ سهولتن تي خرچ ڪرڻ بجاء ماحول کي تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ لوڻ جي کاڻن سميت مختلف وسيلن جي مالڪي ۽ ليزون به غيرمقامي ماڻهن حوالي ڪيل آهن، هنن چيو ته ٿر ۾ جهڙي ريت فطرت سان هٿ چراند ڪري ماحول کي بگاڙيو ويو آهي اهڙي ريت سموري ٿر کي وڻن جي واڍي ڪري ۽ جهنگلي جيوت جو شڪار ڪري ٿر کي انهن فطرت جو قتل گاھه بڻايو ويو آهي، هنن چيو ته ملڪ جا حڪمران ۽ سرڪار اکيون کولي ڪارونجهر جبل سميت ٿر جي فطرت سان هٿ چراند بند ڪري ماحول کي صاف سٿرو ۽ ٿر کي سرسبز رکڻ ۽ ڪردار ادا ڪن، ٿر ۾ پنج ڏينهن جو “ٿر ڪلائميٽ مارچ” ۾  صاف سٿرو ۽ سرسبز ماحول لاء واجهائيندڙ ٿر ڏسڻ چاهيون ٿا. جنهن سبب ٿر سٽيزن فورم پاران مارچ ڪيو پيو وڃي.ٿر سٽيزن فورم جي ڪلائيمينٽ مارچ جي ڪلوئي کان ڏيپلو تائين وک وک تي آجيان ڪئي وئي، کيتلاري اسٽاپ، ڀوڄاڪر اسٽاپ، پيلوڙو، ويڙيجھپ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين  ٿر سٽيزن فورم جي مارچ ۾ شريڪ قافلي جي شاندار آجيان ڪندي ماحوليات سڌاريو جا نعرا ھنيا.