| قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي ڳجھه ڳوهه ۾ مرمتي ڪم |
ڏوڪري (ن پ ا) سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي ڳجھه ڳوهه ۾ کوٽائي جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ٺيڪو مبينا طور خانگي ٺيڪيدار حوالي ڪيو ويو آهي، کوٽائي وارو ڪم عام مستري ۽ مزدور ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صحافي ڪوريج لاءِ پهتا ته اتي ڪوبه آرڪيالاجي کاتي جو عملدار يا ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهر موجود نه هو، ڪجهه پرائيويٽ ماڻهو موجود هئا، جيڪي آثارن ۾ ڊرلنگ ڪري رهيا هئا، خانگي ماڻهن طرفان صحافين کي ڪوريج کان روڪيو ويو ۽ بدسلوڪي ڪئي وئي، ٻي طرف موهن جي دڙي جي انتظاميا ٻڌايو ته موهن جي دڙي جي آثارن ۾ ڪجهه وقت اڳ کوٽائي ڪئي وئي هئي جنهن کي ڪجهه ٽائيم لاءِ روڪيو ويو جيڪا کوٽائي ٻيهر هلندڙ آهي.