| قرآن جي تلاوت: شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري تصوير جاري |
تهران (م ڊ) ايراني ميڊيا طرفان شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري تصوير جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کيس قرآن پاڪ پڙهندي ڏسي سگهجي ٿو. ايراني ميڊيا موجب اها تصوير سندن شهادت کان ٿوروا اڳ سي سي ٽي وي ڪئميرا ذريعي ورتي وئي. واضح رهي ته آيت الله خامنه اي 28 فيبروري تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويو هو.