قرض ۾ واڌ: ملڪ گروي رکڻ جي صورتحال ٿي سگهي ٿي: سينيٽ ڪميٽي

  قرض ۾ واڌ: ملڪ گروي رکڻ جي صورتحال ٿي سگهي ٿي: سينيٽ ڪميٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جي ضلعي روڊن جي منصوبن، ترقياتي خرچن ۽ ملڪي قرضن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ ضلعي روڊن جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، سوات، پشاور، مردان، نوشهره ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪيترائي روڊ منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، منصوبن تي 10 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ آيو آهي. روبينا خالد چيو ته جتي روڊن جي ضرورت هئي، اتي نه ٺاهيا ويا ۽ جتي ضرورت نه هئي، اتي تعمير ڪيا ويا. ڪميٽي ۾ صوبائي قرضن بابت به بحث ٿيو. سينيٽر هدايت الله چيو ته قرض يا گرانٽ اصل هنڌ خرچ ٿيڻ گهرجي،  اقتصادي معاملن واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته صوبو پاڻ قرض وٺندو آهي ته ان جي ذميواري به صوبي تي هوندي آهي، سيف الله ابڙو چيو ته 2022ع ۾ ملڪ جو قرض 40 هزار ارب رپيا هو، جيڪو هاڻي وڌي 90 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، قرض واپس نه ڪيو ته ملڪ گروي رکڻ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي،  اجلاس دوران سينيٽر وقار مهدي پڇيو ته هڪ ڪلوميٽر روڊ ٺاهڻ تي ڪيترو خرچ اچي ٿو. خيبرپختونخوا جي اختيارين ٻڌايو ته هڪ ڪلوميٽر روڊ تي لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ رپيا خرچ ٿين ٿا. اجلاس ۾ پاڻي منصوبن بابت ٻڌايو ويو ته آبپاشي، نيڪالِ ۽ ٻوڏ کان بچاءَ بابت 143 منصوبا جاري آهن، مالي سال 2025-26ع لاءِ 7 ارب 24 ڪروڙ رکيا ويا، 6 ارب 17 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. اجلاس دوران سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته سنڌ جا آفيسر خوش نصيب آهن، ڇو ته انهن وٽ وڏو وزير مراد علي شاهه آهي. ورلڊ بينڪ ۽ ٻيا امدادي ادارا سڀ کان وڌيڪ عزت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڏين ٿا.