قسط جاري، پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالر ملندا، آءِ ايم ايف منظوري ڏئي ڇڏي
جنوري 12, 2024
اسلام آباد/ واشنگٽن (بيورو/ م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس واشنگٽن ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان کي قرض جي پهرين قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزارت طرفان جاري پڌرائي ۾ پهرين قسط جي تصديق ڪئي وئي آهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزارت موجب پاڪستان کي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالر جاري ٿي چڪا آهن. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان کي نئين رقم فوري ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي