Home » قسم کڻان ٿو ته تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪڏهن ناهي چيو: عمران خان
قسم کڻان ٿو ته تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪڏهن ناهي چيو: عمران خان
مَي 28, 2023
لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سندس نااهلي جي صورت ۾ شاهه محمود قريشي کي پارٽي سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي
ميڊيا رپورٽن موجب ڪالهه عمران خان جي قانوني ٽيم، صحافين ۽ پارٽي جي 43 ميمبرن سان ملاقات ٿي آهي، عمران خان ليگل ٽيم سان گرفتار ساٿين جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ۽ صحافين سان موجوده سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
صحافين ۽ وڪيلن سان ڳالهين دوران عمران خان چيوته مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو. شاهه محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ جهڙا سينئر پارٽي معاملا ڏسندا. مراد سعيد مستقبل جو ليڊر آهي
هن چيو ته مون کي خبر آهي ته هنن جو مون کي گرفتار ڪرڻ، نااهل ڪرڻ يا مارڻ جو پلان آهي، قسم کڻان ٿو ته تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪڏهن ناهي چيو
عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان جي معيشت اسان جي اکين آڏو وکري رهي آهي. فسطائي حڪومت پي ٽي آءِ لا نِت نوان ترجبا ايجاد ڪري رهي آهي، پي ڊي ايم قيادت کي روپي جي تاريخي گھٽتائي جو فڪر ناهي
هن چيو ته هنن ناجائز طريقن سان ڪمايل سڄي رقم ٻاهر پيل آهي، سندن لاءِ ته رپئي جي قدر ۾ لاٿ سٺي ڳالهه آهي، پاڪستان جو غريب عوام غربت ۽ مهانگائي ۾ عوام پيڙجي رهيو آهي
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ وڌيڪ سرپرائيز ڏيندس، گرفتار ڪارڪنن جي حوالي سان اڄ به وڪيلن سان ڳالهايو آهي. مشاورت ڪئي آهي. اليڪشن کان سواءِ مسئلي جو ڪو حل ڪونهي
هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ڇڏي وڃي رهيا آهن انهن مان ڪجهه مجبور آهن، پر ڪي ته پڌرا ٿي پيا هئا، ان ڪري ڇڏي ويا، فوج سان ڪا ويڙهه ڪونهي، هي فوج منهنجي آهي جلد وقت تبديل ٿيڻ واروآهي
عمران خان چيو ته پارٽي لاءِ نوجوان اهم آهن، ايندڙ چونڊن ۾ انهن کي ئي ٽڪيٽ ڏنا ويندا، عارف علوي آئين موجب ڪم ڪندو، اليڪشن ئي واحد حل آهي، اڄ به ريفرنڊم ڪرائي ڏسو، سڄي خبر پئجي ويندي