| قطري امير جو شهبازشريف کي فون، وچ اوڀر تي ڳالهيون |
اسلام آباد (بيورورپورٽ) قطر جي امير وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪريوچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان-قطر لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ۾ قطر جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.