| قطر مان ايل اين جي اچڻ بند: ملڪ ۾گئس جو بحران: صارفين لاءِ مقرر مقدار ۾ فراهمي تي غور |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب توانائيءَ جي عالمي رسد متاثر ٿيڻ ڪري پاڪستان ۾ گيس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪومت گهرو صارفين لاءِ گيس جي سپلاءِ ۾ وڌيڪ ڪٽوتي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن موجب، توانائيءَ بابت قائم ڪيل ڪميٽي جي تازي اجلاس ۾ گيس جي “راشن بندي” (مقرر مقدار ۾ فراهمي) جي تجويز پيش ڪئي وئي، پر وفاقي وزيرن ان جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته اهڙي قدم سان عوام ۾ بيچيني پکڙجي سگهي ٿي ۽ سياسي نقصان جو به خدشو آهي. حڪومت اڳ ئي عوامي ردعمل کان بچڻ لاءِ پيٽرول تي لڳل 160 رپيا في ليٽر ليوي (Levy) ۾ گهٽتائي ڪري چڪي آهي. هن وقت گهرو صارفين کي صرف ماني پچائڻ جي وقتن ۾ گيس فراهم ڪئي پئي وڃي پر اختيارين ان ۾ وڌيڪ هڪ ڪلاڪ جي گهٽتائيءَ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي. ذريعن موجب، قطر مان ايل اين جي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب ملڪ ۾ گيس جو بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي؛ هڪ ايل اين جي ٽرمينل اڳ ئي بند آهي، جڏهن ته ٻيو به محدود گيس فراهم ڪرڻ کانپوءِ بند ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته سي اين جي اسٽيشنن لاءِ گيس دستياب ناهي، جڏهن ته مقامي گيس جي فراهمي اڳ ئي کوٽ سبب محدود ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ خوراڪ واري وزير پاران ڀاڻ (Fertilizer) جي کوٽ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي اها تجويز ڏني وئي ته گيس گهرو صارفين کان هٽائي فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي، پر ٻين وزيرن ان جي مخالفت ڪئي. ٻئي طرف، اونهاري ۾ بجليءَ جي گهرج وڌڻ سان ايل اين جي جي ضرورت ۾ به اضافي جو امڪان آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ ايل اين جي جون قيمتون به فرنس آئل جي برابر پهچي چڪيون آهن.