قطر مان ايل اين جي فراهمي متاثر: پيٽروليم ليوي ۾ ڇوٽ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهائبو: وفاقي سرڪار   

  قطر مان ايل اين جي فراهمي متاثر: پيٽروليم ليوي ۾ ڇوٽ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهائبو: وفاقي سرڪار   

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سان  ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽  پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سي ايم ھائوس ۾ گڏجاڻيءَ ڪري خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال، پاڪستان جي توانائي صورتحال ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو.  گڏجاڻي ۾ عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ اگھن ۽ ملڪ ۾ ٻارڻ جي ذخيرن بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وفد خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ تڪرار وڌيڪ وڌي ويو ته خام تيل جي قيمت 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن سان پاڪستاني معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو. اجلاس ۾  توانائي بچت لاءِ هنگامي اپائن تي پڻ ويچار ڪيو ويو،  گڏجاڻي ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو تھ حڪومت جي ترجيح اها آهي ته توانائي واري صورتحال کي ڏاھپ سان سنڀالجي تھ  جيئن قومي معيشت جو ڦيٿو هلندو رهي. وفاق جون تجويزون وڌيڪ ويچار ۽ فيصلي لاءِ سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي حڪومت  جي عالمي توانائي مارڪيٽن تي نظر آهي،  تيل جي اگھن ۾ واڌ جي مالي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي رٿائون تيار ڪيون پيون وڃن. جيڪڏهن خام تيل جي اگھن ۾  واڌ ٿي ته پاڪستان جو تيل جو ماهوار درآمدي بل 600 ملين ڊالر تائين وڌي سگهي ٿو، جنهن سان ملڪ جي ناڻي ذخيرن تي دٻاءُ وڌندو.  پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته ٻارڻ جي بچت لاءِ اپاءَ وٺڻ ضروري آهن ته جيئن موجود ذخيرا وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهن ۽ اهم شعبن لاءِ دستياب رهن. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته اڄ سومر تي پيٽرول جا 3 ڪارگو ( جهاز) پاڪستان پهچڻ جي اميد آهي، گڏجاڻي ۾ پيٽرول پمپن تي ذخيرا اندوزي جي امڪان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.  گڏجاڻي کي آگاھي ڏني وئي تھ قطر مان ايل اين جي جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي، گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت سعودي عرب، عمان ۽ گڏيل عرب امارتن سان سفارتي رابطا  تيز ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن هرمز کاڙي کانسواءِ ٻين رستن ذريعي متبادل ٻارڻ جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. گڏجاڻي فيصلو ڪيو ويو ته ذخيرو اندوزي کي روڪڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي هموار ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا. وفاقي وزيرن ٻڌايو ته حڪومت بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ پيٽروليم ليوي ۾ رليف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن شهرين تي تي مالي بار گهٽجي سگهي.