قطر واڌو سرپلس ايل اين جي ڪارگو رد ڪرڻ تي راضي: گئس جا بند پيل کوهه کولڻ جو فيصلو

قطر واڌو سرپلس ايل اين جي ڪارگو رد ڪرڻ تي راضي: گئس جا بند پيل کوهه کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قطر اضافي سرپلس ايل اين جي ڪارگوز منسوخ ڪرڻ تي راضي ٿي ويو. حڪومت جنوري 2026 کان بند مقامي گيس جا کوهه کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب بند گيس فيلڊ مان مقامي گيس جنوري کان سسٽم ۾ اچڻ شروع ٿيندي، گيس فيلڊز کي سرپلس ايل اين جي ڪارگوز کي استعمال ڪرڻ لاءِ بند ڪيو ويو هو. قطر 2026 لاءِ 24 ايل اين جي ڪارگوز منسوخ ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. پيٽروليم وزارت جي ذريعن مطابق اضافي ڪارگوز سبب تقريبن 200 ايم ايم سي ايف ڊي مقامي کوهن کي بند ڪرڻو پئجي رهيو هو.  پاور سيڪٽر جي استعمال نه ٿيڻ سبب درآمدي ايل اين جي سرپلس ٿي وئي هئي. سرپلس ايل اين جي ڪارگوز کي گيس پائپ لائنن ۾ وڌو ويندو هو. ايل اين جي سسٽم ۾ شامل ڪرڻ سان پائپ لائنن کي ڦاٽڻ کان بچائڻ لاءِ مقامي فيلڊز بند ڪيا ويا. 2026 ۾ پاڪستان قطر کان 120  بدران 85 ايل اين جي ڪارگوز گهرائيندو.  ايندڙ سال قطر کان مجموعي گهرايل 35 ڪارگوز منسوخ ٿيندا. ذريعن موجب پاڪستان ايل اين جي، جي  24 اي اين آءِ مان 11 ڪارگوز منسوخ ٿيندا. منسوخ ڪارگوز مان تقريبن 201 ارب رپيا بچت ٿيندي. پيٽروليم وزارت مطابق اضافي ڪارگوز جي منسوخي کانپوءِ مالي ضرورت پوري ٿيندي. سوئي ڪمپنين جي مالي ضرورت 850 ارب رپيا آهي جيڪا پوري ٿي رهي آهي. گيس سيڪٽر جو گردشي قرض 3100 ارب رپيا آهي. ان مان 1700 ارب گردش ڪندڙ قرض ۽ 1400 ارب وياج آهي. گردشي قرضن جو 6 سالن لاءِ پلان تيار ڪيو ويو آهي. پلان ۾ 3 آپشنز شامل آهن جن جي وفاقي ڪابينا کان منظوري وٺڻي آهي. 5 رپيا پيٽروليم ليوي جو نفاذ، ڪمپنين جي ڊويڊنڊ ايڊجسٽمينٽ ۽ وياج جي معافي آپشن ۾ شامل آهن. مارچ ۾ پلان تي آءِ ايم ايف وفد کي بريفنگ ڏني ويندي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف راضي نه ٿيو ته گيس ٽيرف ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. 160 ارب رپيا جي ڪراس سبسڊي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو حصو بڻائي ويندي.