| قطر کان گئس فراهمي بند: تيل اگهه هر هفتي طئي ٿيندا: تعليم ۽ آفيسن ۾ ڪم 2 ڏينهن آن لائن ٿيندو: توانائي بچت پلان تيار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قطر پاڪستان کي ايل اين جي سپلاءِ روڪي ڇڏي، پاڪستان ايل اين جي جي لوڊ مئنجمينٽ تي مجبور، پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب قطر گيس پاڪستان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، مارچ لاءِ قطر کان 8 ايل اين جي ڪارگو اچڻا هئا جن مان رڳو ٻه ئي پهتا آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي فراهمي به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، آئل مارڪيٽ ڪمپنين خبردار ڪندي چيو آهي ته مقامي ريفائنريز واعدي موجب سپلاءِ نه پيون ڪن، هوڏانهن ايران سوڌو وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال جي اثرن کان بچڻ لاءِ پاڪستان ۾ توانائي بچت پلان جي تياري ڪئي پئي وڃي، پيٽروليم شين جي اگهن جو 15 ڏينهن بدران هفتيوار جائزو وٺڻ تي غور ٿي رهيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه عالمي مارڪيٽ سان ڀيٽڻ بعد طئه ڪيا ويندا، سمورين آفيسز ۾ رڳو ضروري عملو رکڻ ۽ هفتي ۾ 2 ڏينهن آن لائين ڪم ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، مارچ ۾ تعليمي ادارن لاءِ آن لائين سيشن شروع ڪرائڻ تي غور شروع ٿي ويو، ذريعن موجب وچ اوڀر ۾ جنگ واري صورتحال سبب وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين بابت اهم تجويزون پيش ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب، توانائي واري وزارت تجويزن تي ورڪنگ تيار ڪري وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم معاشي ٽيم جي صلاح مشوري سان اگهن ۾ نظرثاني ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، صورتحال سنگين رهڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت طرفان جلد فيصلو متوقع آهي.ٻئي پاسي وفاقي حڪومت پيٽروليم شيون ذخيرون ڪرڻ خلاف به مانيٽرنگ سخت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ناڻي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو ڪافي ذخيرو موجود آهي، ايل اين جي ۽ ايل پي جي سپلاءِ جو به روز جائزو ورتو پيو وڃي.هن چيو ته حڪومت خطي جي صورتحال جي معاشي اثرن تي ويجهي نظر رکي رهي آهي، وزيراعظم اهم شعبن جي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي آهي. ڪاميٽي توانائي جي فراهمي، جنسن جي قيمتن ۽ سپلائي چين جو جائزو وٺي رهي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان وٽ توانائي ۽ ٻين اهم شين جا وافر ذخيرا موجود آهن. جيڪڏهن علائقائي صورتحال ڊگهي ٿي ته مختلف معاشي منظرنامن تي غور ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ امڪاني واڌ واري معاملي تي ناڻي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ قيمتن جي نگراني لاءِ قائم ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. پڌرائي مطابق اجلاس ۾ توانائي شعبي ۾ اڳڀرائي ۽ قومي سطح تي تيارين جو جائزو ورتو ويو، بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته عالمي سپلائي چين ۽ سامونڊي رستن کي خطرا ۽ خرچن جو دٻاءُ سامهون آهي، جنهن سبب صورتحال غير يقيني ۽ تيزي سان بدلجندڙ ٿي سگهي ٿي. اجلاس ۾ ايل اين جي ۽ ايل پي جي جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ سپلائي چين جي خطري، جهازن جي اچڻ جي شيڊول ۽ ٽرمينل آپريشنز شامل هئا. ميمبرن تجويز ڏني ته جيڪڏهن رڪاوٽون وڌي وڃن ته طلب کي بهتر نموني سنڀالڻ لاءِ متبادل قدم کنيا وڃن ۽ ترجيحي شعبن جي تحفظ سان گڏ مارڪيٽ ۾ نظم برقرار رکيو وڃي.