| قطر ۾ فوجي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، حادثو قرار |
دوحا (م ڊ) قطر ۾ هيلي ڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڪالهه قطر جي بچاءَ واري وزارت تصديق ڪندي چيو ته هڪ هيلي ڪاپٽر معمول جي ڊيوٽي دوران ٽيڪنيڪي خرابي سبب ملڪ جي سامونڊي حدن ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. اختيارين ٻڌايو ته اهو هيلي ڪاپٽر معمول جي اڏام دوران ٽيڪنيڪي خرابي سبب ڪري تباهه ٿيو، جنهن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.