| قلات ۽ خيبر ۾ فائرنگ، دستي بم ڦاٽي پيو، 6 ڄڻا مارجي ويا |
ڪوئيٽا/پشاور(م ڊ) ڪوئيٽا ۽ خيبر ۾ پيش آيل ٻن مختلف واقعن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا آهن. قلات جي علائقي منگچر ۾ ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب فائرنگ دوران ڪجهه ماڻهو به زخمي ٿيا، جن کي فوري طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف خيبر ۾ باڙه واري علائقي ناله ۾ دستي بم ڦاٽڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته دستي بم هڪ مقامي شخص جي هجري ۾ ڦاٽو جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.