| قلات ۾ فورسز جو آپريشن،8 دهشتگرد مارجي ويا |
قلات (م ڊ) قلات ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن 8 دهشتگرد مارجي ويا، ان ڏس ۾ آءِ ايس پي آر موجب فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 دهشگرد مارجي ويا جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي.