| قلم بدران هٿن ۾ ٻهارا، فقيرآباد ۾ شاگردياڻيون صفائي ڪرڻ لڳيون |
فقيرآباد (ن پ ا) تعليم کاتي جي آفيسرن جي نااهلي سبب گرلز پرائمري اسڪول حاجي عبدالعزيز چانڊيو ۾ شاگردياڻيون پاڻ صفائي ڪرڻ لڳيون، ڪيتري ئي عرصي کان صفائي عملو نه هجڻ ڪري شاگردياڻيون روزانو صبح سويل اچي ٻهارا کڻي صفائي ڪن ٿيون، شاگردياڻين جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ صفائي عملو ناهي، پٽيوالو به ڪونهي، انهي ڪري پاڻ صفائي ڪريون ٿا، هنن چيو ته اسڪول ۾ صفائي لاءِ عملو ڏنو وڃي.