قلم مزدور ۽ نصب ٿيل “ماڻهو” … حيدر جاويد سيد

                 سوشل ميڊيا تي زبردست “گھمسان” لڳل آھي، لاشن جا انبار لڳايا پيا وڃن. ايران- آمريڪا جنگ بنديءَ جو به سوشل ميڊيا تي رقص لڳو پيو آهي. توحيدي گروپ ماڻهن کي سندن اباڻن مذهبن جا طعنا ڏئي رهيو آهي. نصب ٿيل سينيئر صحافين جو به خراب حالت ڪئي پئي وڃي.

                 پير سيد محسن نقوي جي هڪ چينل تي صبح جي نشريات جي هڪ پروگرام جي خاتون اينڪر جي ٽئين شادي ۽ پروگرام دوران مڙس جي ڪلهن تي چڙهڻ تي سخت تنقيد جا ڪميت ڪڏائي ڇڏيا ته خاتون اينڪر ان کي “گهريلو موومينٽ” قرار ڏئي معافي گهري ورتي. ٻن ڏينهن بعد لنڊن جي گهٽين ۾ اهڙي ئي “گهريلو موومينٽ” جي وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي اپلوڊ ڪري ڇڏي.

                 هتي جيڪو وکر وڪامي ٿو، اهو ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ئي ڏيکاريو وڃي ٿو. ڏسندڙ تنقيد جو لوڻ ٻرڪيندي، وات ۾ پاڻي ڀري، اهو سڀ ڏسندا رهن ٿا. اسان (چئني طرفن جا سڀ ماڻهو) ڇا ڏسڻ چاهيون ٿا؟ اهو ئي، جيڪو سئو جي لڳ ڀڳ ننڍن وڏن چينلن تي ڏيکاريو پيو وڃي. هاڻي ته جنهن وٽ ڪئميرا وارو موبائل فون آهي، اهو صحافي، يوٽيوبَر ۽ صلاحڪار آهي؛ جيڪو ڪيبورڊ استعمال ڪري سگهي ٿو، اهو 21هين گريڊ جو دانشور ۽ مفتي بڻيل آهي. توهان ائين سمجهو ته اڄڪلهه صحافين، يوٽيوبَرن، دانشورن ۽ مفتين جي “ٻوڏ” آيل آهي. گوڙ ايترو آهي جو ڪنو ڪن ٻڌڻ به ممڪن ناهي.

اسان جو سماج ترقيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي يا تنزلي ڏانهن؟ اهو سوال هر ڀت تي لکيل آهي، ۽ هر ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته اها منهنجي ڀت ناهي.

ديوار ۽ در جا جهڳڙا آهن، انهن جهڳڙن جي وچ ۾ اسڪينڊل ڪوئين اداڪارا ميرا به هڪ نصب ٿيل سينيئر صحافي، اينڪر ۽ يوٽيوبَر جي مقابلي ۾ نيڪ پروين لڳڻ لڳي آهي. هن سڄي معاملي تي نصب ٿيل صحافيء جنهن قسم جون وضاحتون ڏنيون، انهن تي هڪ پراڻي چوڻي ٺھڪي اچي ٿي: “نانيءَ مڙس ڪري چڱو ڪم نہ ڪيو، ۽ ڇڏي به چڱو نه ڪيو.”

مٿي سٽن ۾ به عرض ڪري چڪو آهيان ته هتي جيڪو وکر وڪامي ٿو، اهو ئي ڏيکاريو وڃي ٿو. هر جاءِ تي “ٽوٽن” جو رواج ٿي ويو آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسان جا منبر اسٽيج بڻجي ويا آهن ۽ انهن تي “ٽوٽا” هلن ٿا. توهان پاڻ فيصلو ڪريو ته جڏهن منبرن تي “ٽوٽا” هلن ۽ نعرا بلند ٿين، ته دنيا جي اسٽيجن، چينلن ۽ سوشل ميڊيا تي “ٽوٽا” ڇو نه هلن ۽ مقبول ٿين؟ سوال اهو آهي – ان تي غور ڪريو. اسان وٽ ٻيو ڪجهه هجي يا نه هجي، وقت ڪافي مقدار ۾ موجود آهي. هاڻي تعليم ۽ تربيت کانسواءِ، اڳتي وڌڻ جو خبط ٿانيڪو ٿي ويھڻ نٿو ڏئي. اهي زمانا ويا، جڏهن تعليم ۽ تربيت کي اهميت حاصل هوندي هئي، صحافت سميت هر شعبي ۾. پر اڄ ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ استادن ۽ ڄائي ڄمڻ کان ئي پاڻ کي سينيئر سمجهندڙن جو راڄ آهي.

ڇا ته زرخيز مٽي آهي! ماڻهو گهٽ آهن، انسان انهن ماڻهن کان به گهٽ، ۽ هر طرف “پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ مهاتما” ھر ھنڌ اڊمبر سان ھلندي نظر ايندا. ڀلا انهن جي ڪنهن ڳالهه سان اختلاف ڪري ڏسو، چوڏهن نه پر ارڙهن اُوڻويهه طبق روشن ڪري ڇڏيندا، ۽ توهان کي ڪٿي به پناهه نه ملندي.

ٻين شعبن جي ڳالهه ڇا ڪجي، اچو ته صحافت جي شعبي تي ئي ڳالهايون. ڳالهه پاڻ کان شروع ٿيڻ گهرجي. سال 1973ع ۾ جڏهن اسان ڪراچي ۾ روزاني “اعلان” ۾ استاد محترم جناب فضل اديب جي نگراني ۾ ٻارن جو صفحو تيار ڪرڻ سان قلم مزدوري شروع ڪئي، ته صفحي ۾ اشاعت لاءِ ايندڙ مضمونن جي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ (ان وقت خبرن ۽ مضمونن جي ڪتابت ٿيندي هئي ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ پروف ريڊنگ جو باقاعده ڌار شعبو هوندو هو) کان پوءِ اشاعت جوڳن مضمونن جون سرخيون ڪڍي مسودن جو ٿھو استاد محترم جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئاسين ۽ ادب سان ميز جي ساڄي پاسي بيهي رهندا هئاسين. استاد مڪرم جاچ پڙتال دوران ڪڏهن ڪڏهن دڙڪا به ڏيندا هئا، ڇينڀيندا به ھئا. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا انهن پنهنجي سامهون رکيل اسٽيل جي فٽ پٽي شاگرد جي هٿ جي پٺيءَ، آڱرين جي اُڀار واري هنڌ تي ھنئي. وڏي مشڪل سان دانھن سيسراٽ روڪيندا هئاسين. ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو جو شاباس ملي، ۽ ٻئي ڏينهن مانجهاندو انعام طور کارائڻ جو به چيو ويو.

1970ع واري ڏهاڪي يا ان کان اڳ وارن سالن ۽ ڏهاڪن ۾ صحافت جي شعبي ۾ عملي تربيت حاصل ڪندڙ هاڻي ڪيترا بچيا آهن؟ يقيناً آڱرين تي ڳڻڻ جيترا. ايڊيٽنگ، پروف ريڊنگ، شھہ سرخيون ۽ ننڍيون سرخيون ٺاهڻ سان گڏ مون جهڙن سوين قلم مزدورن ڪاپي پيسٽنگ (صفحو جوڙڻ) به سکي، جيڪا ايندڙ سالن ۾ گهڻو ڪم آئي، خاص طور رسالن ۾ نوڪري ڪندي يا ننڍين علائقائي اخبارن ۾. تربيت جي هن عمل دوران استاد شاگردن جي رجحان کي ڏسي فيصلو ڪندا هئا ته ڪير ڪهڙي شعبي ۾ ڪامياب ٿيندو. اسان جي حصي ۾ ادارتي شعبو آيو. هن شعبي ۾ قلم مزدوري ڪندي اڌ صدي گذري وئي. حالت اها آهي ته اڄ به ڪنهن مسئلي، لفظ يا شعر جي خالق يا درستگي لاءِ بنان ھٻڪ شاعرن، اديبن ۽ صحافي دوستن کي فون ڪري انهن کان اصلاح ۽ رهنمائي وٺندو آهيان. سيد منظر نقوي، محمد عامر حسيني ۽ ڪيترائي دوست هن قلم مزدور شاگرد جي هن عادت کان نه صرف واقف آهن، پر اڪثر رهنمائي به ڪن ٿا. رهنمائي ۽ اصلاح وٺڻ سان ماڻهو ننڍو نٿو ٿئي، بلڪه اهو عمل اڳتي وڌڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ان جو هڪ فائدو اهو به آهي ته شاگرد “مان سڀ ڄاڻان ٿو” واري بيماريءَ کان بچيل رهي ٿو.

عرض اهو ڪرڻو آهي ته شروعاتي ڏينهن جي تربيت کي به آخري سچ نه سمجهڻ گهرجي. سکندو رهڻ جي عادت انسان کي ڪيترن ئي خبطن ۽ خفن کان بچائي ٿي. مون کي ته شروعاتي مهينن ۽ سالن جي تربيت تمام گهڻو فائدو ڏنو. ڪيترن ئي رسالن ۽ هڪ ٻن علائقائي اخبارن ۾ بطور ايڊيٽر ڪم ڪندي خوشيءَ سان پاڻ ئي ڪاپيون پيسٽ ڪري وٺندا هئاسين. هي جيڪو “نصب ٿيل” سينيئر صحافين جو ٽولو آهي، انهن کي شايد خبر ئي نه هجي ته ايڊيٽنگ، پروف ريڊنگ ۽ ڪاپي پيسٽنگ ڇا هوندي آهي. انهن نصب ٿيل، ڄائي ڄم کان ئي سينيئر بڻيل صحافين جي ٽولي صحافت جي شعبي کي ٻيو ڪجهه ڏنو هجي يا نه، پر انهن جي ڪري 90 سيڪڙو قلم مزدورن کي گھڻيون ۽ گاريون ٻڌڻيون پون ٿيون. انھن کي لوئيو وڃي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته لوئڻ ۽ گاريون ڏيڻ واري مخلوق کي اهو به معلوم ناهي ته ميڊيا هائوسز اندر مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ڪهڙين حالتن ۽ مسئلن کي منهن ڏين ٿا. انهن جو خيال آهي ته اهي پنجاهه يا سئو نمايان ماڻهو ئي صحافي آهن ۽ سڄو بار انهن جي ڪلهن تي آهي، جڏهن ته حقيقت ائين ناهي. خير، وڌيڪ تفصيل ڇا بيان ڪجن! عرض اهو آهي ته ڪو وقت هو جڏهن صحافت جي شعبي ۾ استاد به هوندا هئا ۽ سکڻ وارا شاگرد به. هاڻي ته هر طرف استاد ئي استاد آهن، هڪ کان وڌيڪَ هڪ. ڪجهه ايجنسين جا پاليل آهن، ڪجهه مذهبي ۽ سياسي جماعتن جي مالڪن جا لاڏلا ۽ ڪمائو پٽ به آهن. ان جي باوجود قلم مزدور اڃا به تعداد ۾ وڌيڪ آهن. جيڪڏهن اوهان (پڙهندڙن ۽ اسٽيبلشمينٽ) کي خراب نه لڳي ته عرض ڪريان ته ٻين شعبن وانگر صحافت کي به سوچي سمجهي منظم نموني سان تباهه ڪيو ويو آهي. گوشت، بوتل وارا، بيڪري بواءِ ۽ خانگي ملازم هڪ سوچي سمجهي منصوبي تحت صحافي، اينڪر ۽ تجزيه نگار بڻائي بيهاريا ويا، ۽ نتيجا اسان سڀني جي سامهون آهن.

اسان جا ماڻهو به ته پنهنجي پسنديده سياسي يا مذهبي شخصيت ۽ جماعت کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو ذڪر ٻڌڻ ئي نٿا چاهين. تعصب، گھُٽ ٻوسٽ، اسھپ ۽ نفرت- اهي اسان جا گڏيل پسنديده کاڌا بڻجي چڪا آهن، ۽ سڀني جي دسترخوانن تي اهي ئي طعام رکيل آهن. جيڪڏهن توهان پاڻ کي تبديل نٿا ڪري سگهو ته ٻين کان اميد به نه رکو. وري به چوان ٿو ته هر سيڪيورٽي اسٽيٽ پنهنجي حڪمرانيءَ کي بچائڻ لاءِ پوري سماجي ڍانچي ۽ ان جي قدرن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. پر ڇا اسان 26 ڪروڙ ماڻهو به ايتري اخلاقي همت ڪري سگهنداسين، جو پنهنجي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي اهو سوال پڇون ته انهن تباهين ۾ اسان جو پنھنجو حصو ڪيترو آهي؟ اسان جي خيال ۾ هن سوال جو جواب ئي اسان کي صحيح واٽ ڏانهن رهنمائي ڪندو.