قلندرز ۽ گليڊي ايٽرز رانديگرن جي ڪينسر متاثر ٻارن سان ملاقات

قلندرز ۽ گليڊي ايٽرز رانديگرن جي ڪينسر متاثر ٻارن سان ملاقات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ايڇ بي ايل پي ايس ايل 11 جي ٻئي مرحلي ۾ اڱاري تي آرام واري ڏينهن به رانديگرن آرام نه ڪيو. دفاعي چيمپئن لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي رانديگرن ۽ آفيسرز ڪينسر کان متاثر ٻارن سان مقامي هوٽل پهچي ملاقات ڪئي. گليڊي ايٽرز جي رانديگرن ۾ ابرار احمد، عثمان طارق، ريلي روسو، بين ميڪ ڊرموٽ ۽ بسم الله سان گڏ ٽيم جو مالڪ حسن عمر، مئنيجر اعظم خان موجود هئا. لاهور قلندرز پاران ڪپتان شاهين شاهه آفريدي، نالي وارو آل رائونڊر سڪندر رضا ۽ ٽيم جو مالڪ ثمين رانا به شامل هئا. ڪينسر جهڙي موذي مرض جو مقابلو ڪندڙ ٻارن نالي وارن ڪرڪيٽرز کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو. رانديگرن ٻارن سان يادگار ۽ دلڪش لمحا گذاريا، مريض ٻار ڪرڪيٽ هيروز سان ملي تمام گهڻو خوش هئا جڏهن ته ان موقعي تي خود رانديگر به جذباتي طور متاثر ٿيا، ٻارن سان تصويرون ڪڍايون ۽ ٻارن ۾ تحفا پڻ ورهايا ويا.