قلندر جي مزار جون نذراني پيتيون کُلي ويون، 2 ڪروڙ ، سون چاندي هٿ

قلندر جي مزار جون نذراني پيتيون کُلي ويون، 2 ڪروڙ ، سون چاندي هٿ

سيوهڻ(ن پ ا) ناليواري بزرگ ۽ اولياء الله حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار جي نذراني جون پيتيون اوقاف انتظاميا پاران کوليون ويون, سوا 8 مھينن جي وقفي بعد کوليل نذراني جي پيتين مان چئن ڏينهن جي ڳڻپ بعد 2 ڪروڙ 38 لک 78 هزار 750 روپيا روڪ برآمد ٿيا, جڏهن ته نذراني جي پيتين مان سون ۽ چاندي پڻ وڏي انگ ۾ برآمد ڪئي وئي پر جمعي جو ڏينهن هئڻ سبب ان چڪاس ۽ تور نه ٿي سگهي, جنهن بعد اوقاف انتظاميا پاران سون ۽ چاندي واپس نذراني وارين پيتين ۾ امانت طور رکيو ويو، جڏھن ته ٽائيم ختم ٿيڻ سبب بچيل نذراني جي رهيل رقم  به واپس پيتين ۾ رکي وئي. پرڏيھي ڪرنسي به نذراني طور پيتين مان ملي آهي, مليل رقم نيشنل بينڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ چاندي ۽ سون سوناري کان چڪاس بعد درگاھ جي توشا خاني ۾ رکرايو ويندو.