قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ ڌمال سان ثقافتي سرگرمين جي شروعات

قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ ڌمال سان ثقافتي سرگرمين جي شروعات

سيوھڻ(ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سيوھڻ ۾ “منشيات کان پاڪ سنڌ ” ايڪتا عيد جو ڏھاڙو جوش جذبي سان ملھايو پيو وڃي، ايڪتا جي مک مرڪزي تقريب جي اسٽيج ڌمال چوڪ وٽ نيشنل پريس ڪلب سيوھڻ جي اڱڻ تي سجائي وئي جتي گڏ ٿيل شھرين ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي قومي ڪاڄ جون واڌايون ڏنيون. لوڪ فنڪار دلجان سيوھاڻي ۽ رجب چانڊيو پاران منشيات کان ڪيو پاڪ سنڌڙي ڪلام ڳايو ته موجود ماڻهن جھمريون ھڻي ۽ نوٽن جي ورکا ڪري کين زبردست داد ڏنو، جڏهن ته قلندري فقير وسايو ڪبوتر قلندري ڌمال ھڻي خوب داد وصول ڪيو. بعد  ۾ صوفي راڳين ۽ مٽڪي وارن فنڪارن سان گڏجي وڏي ريلي ڪڍي قلندر لعل شھباز جي مزار تي حاضري ڀري اجرڪ جي چادر چاڙھي. مک تقريب ۾ سپلا جي صدر پروفيسر منظور ميمڻ، محمد نواز رند، ڊاڪٽر الياس ڀٽو، ناليواري محقق ۽ ليکڪ خير محمد ٻرڙو، پروفيسر مجتبيٰ ميمڻ، سيڪريٽري ادبي سنگت مير حاجن مير، ايڊووڪيٽ منير سومرو، شاھد ھاليپوٽو، ٽي وي ۽ فلم ناليواري ايڪٽر اسماعيل چانڊيو، محبوب اوٺو، سجاد ڏيٿو، ماما اصغر ڪوريجو، وزير برھماڻي، معزز شھرين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،