قلندر شهباز جي علم پاڪ جي پرچم ڪشائي بعد عزاداري جو سلسلو شروع

جُولاءِ 20, 2023

سيوھڻ (ن پ ا)  قلندر شھباز ۽ درگاهه سخي بودلا بھار جي علم پاڪ ۽ قلندر شھباز جي قديم علم پاڪ جي ڀيرڪ (پرچم ڪشائي) واري رسم ادا ڪرڻ

 کانپوءِ شھر ۾ عزاداري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.پھريون قديمي تعزيئي جو جلوس سبزواري ساداتن جي پڙ تان ڊاڪٽر مھدي رضا شاھ جي اڳواڻي ۾ برآمد ڪيو ويو

 جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو لعل شھباز قلندر جي قديم علم پاڪ واري صحن ۾ پھتو، جتي سينا زني جو ماتم ۽ گول پٽ ڪرڻ کانپوءِ مرثيه خواني ڪئي وئي

 جنهن بعد جلوس ساڳي پڙ تي پھچي نھر ڪيو ويو. جڏھن ته ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ٻئي طرف شھر جي مختلف حصن ۾ شيعا تنظيمن پاران ماتمي جلوسن لاءِ استقباليه ڪئمپون

 لڳائڻ سان گڏ ٿڌي پاڻي شربت جون سبيلون پڻ قائم ڪيون ويون آهن ۽ ھر طرف يا حسين جون صدائون بلند ڪيون پيون وڃن

Leave A Comment