| قلندر لال جو ميلو: اڙل واهه سميت واهن تي وهنجڻ تي پابندي |
سيوهڻ (ن پ ا) جڳ مشھور بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر رح جي 7 فيبروري کان شروع ٿيندڙ عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي سيوهڻ ۾ اڙل واھ سميت مختلف واھن تي وهنجڻ ۽ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. مليل ڄاڻ موجب ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جي اھڙي درخواست تي ڪمشنر حيدرآباد قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ نوٽيفڪيشن موجب سيوهڻ ۾ 15 شعبان کان 20 شعبان تائين واهن ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو رهندو. نوٽيفڪيشن تحت سيوهڻ ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي.