قمبر جي اڪائونٽ آفيسر کي گهوٽ بڻجڻ مهانگو پئجي ويو، جواب طلب

مَي 19, 2023

شهدادڪوٽ( رپورٽر)) قمبر شهدادڪوٽ ۾ بدلي ٿي آيل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر کي گهوٽ بڻائي استقبال ڪرڻ واري معاملي جو اختيارين نوٽيس وٺي ڇڏيو

لاڙڪاڻي مان بدلي ٿي آيل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبدالرئوف سومرو جو قمبر ٽريزري آفيس جي عملي ۽ تعليم کاتي جي ملازمن طرفان چارج وٺڻ وقت هار پارائي گهوٽ بڻائي دهل شرناين سان استقابال ڪيو ويو هو

ناڻي کاتي ٽريزري آفيس ۾ ثيل لقاءَ جو نوٽيس وٺي، اڪائونٽس آفيسر کان 7 ڏينهن ۾ جواب گهري ورتو آهي

Leave A Comment