قمبر جي سرڪاري اسپتال ۾ پ پ اڳواڻ جون ڊاڪٽر تي الرون، گارگند

آگسٽ 19, 2023

قمبر (رپورٽر) قمبر جي سرڪاري اسپتال ۾ پ پ تعلقي قمبر جي صدر شاهه غازي مغيري جون سينيئر ڊاڪٽر تي الرون ۽ گار گند، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي انتظاميا واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج جاري ڪري ڇڏيا، سي سي ٽي وي فٽيج ۾ پ پ اڳواڻ اڻويهين گريڊ جي سينيئر ڊاڪٽر برما تي الرون ڪندي نظر اچي رهيو آهي

پ پ اڳواڻ شاهه غازي جو چوڻ آهي ته ٻن برادرين ۾ جهيڙي بعد زخمين کي اسپتال آندو ويو، ڊاڪٽرز هڪ ڌر جي زخمين جو علاج نه پئي ڪيو، مون ڪا به گار گند نه ڪئي آهي، ڊاڪٽرز کي رڳو علاج ڪرڻ لاءِ چيو

ايم ايس ڊاڪٽر سعيد تنيو جو چوڻ آهي ته رات تنيا ۽ مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي بعد زخمي آندا ويا هئا، سڀني جو علاج ٿي رهيو هو، پ پ اڳواڻ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي اسپتال پهتو ۽ گار گند ڪئي، ڊي جي هيلٿ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي

Leave A Comment