| قمبر- شهدادڪوٽ جي نوڪرين ۾ ٻين ضلعن جا ماڻهو ڀرتي جو انڪشاف |
قمبر(رپورٽر) قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين ۾ ٻين ضلعن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جاري ڪيل آرڊرن ۾ لاڙڪاڻي سميت ٻين ضلعن جو ڊوميسائيل رکندڙ 25 کان وڌيڪ ماڻهن کي صحت ۽ تعليم سميت مختلف کاتن ۾ ڀرتي ڪندي آفر ليٽر جاري ڪيا آهن، جاري ڪيل آرڊرن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ قمبر جي موجوده ڊي سي جا 2 ڀائر اعجاز علي ولد علي شير ابڙو، ارشاد علي ولد علي شير ابڙو سميت 15 کان وڌيڪ سندس ويجها عزيزن مٽ مائٽ ۽ سندس ذات سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ٻيا شامل آهن، جن جو ڊوميسائيل لاڙڪاڻي ضلعي جو آهي، سنڌ سرڪار طرفان ڀرتين جي پاليسي جاري ڪندي چيو هيو ته هڪ کان 4 گريڊ جون نوڪريون ان ضلعي جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن کي ڏنيون وينديون. ياد رهي ته ڄاڻايل ڀرتين لاءِ اميدوارن کان سال 2023 ۾ انٽرويو ورتا ويا هئا.