قمبر-شهدادڪوٽ ۾ هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين ۾ بدعنواني خلاف ريليون، مظاهرا، ڌرڻا

قمبر-شهدادڪوٽ ۾ هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين ۾ بدعنواني خلاف ريليون، مظاهرا، ڌرڻا

قمبر/شهدادڪوٽ (نمائندن وٽان) قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين ۾ مبينا طور بدعنوانين ۽ ڪرپشن خلاف مختلف شهرن ۾ اميدوارن پاران ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، پنهنجا نوازي خلاف شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران ڪامريڊ حيات تنيو، امداد سومرو، رشيد مگسي، داد محمد کنڊ، محمد علي منڱريو، نياز چانڊيو، فاروق چاوڙو، سجاد تنيو، احمد علي عباسي . زاهد مگسي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن ريلي ڪڍي شوڪت چانڊيو،محمد جان بروهي، عرفان گوپانگ، طفيل سانگاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو هنيو ويو، بهرام ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪارڪنن شبير مگسي،اصغر مگسي،امين چنا،اداسي علي مراد،رحيم بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نصيرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان منصور علي سومرو، سڄڻ علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهه لطيف پبلڪ پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته گريڊ هڪ کان چار تائين نوڪرين ۾ ميرٽ کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري اقرباپروري تحت ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، حقدار نوجوان بيروزگار آهن. بااثر هڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون پنهنجي مائٽن کي ڏياريون آهن، باقي نوڪرين جا آرڊر پئسن تي وڪرو ڪيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.