| قمبر ضلعو بحالي جدوجهد ۾ شهيد 4 ڄڻن جي ورسي: سهولتن لاءِ وري تحريڪ هلائڻ جو اعلان |
قمبر (رپورٽر) قمبر ضلعي جي بحالي واري جدوجهد دوران 24 ڊسمبر 2004 ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل 4 شهرين استاد مدد علي مگسي ،ناصر خانزادو،عبدالفتاح تنيو ۽ رياض حسين ٻرڙو جي 21 هين ورسي جي سلسلي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي ۽ ضلعو سينگاريو ڪميٽي طرفان ڌار ڌار جلسا منعقد ڪيا ويا، جنهن کي خطاب ڪندي نذير احمد تنيو، سيد مجاهد حسين بخاري،محمد جان بروهي، رياض لاکو سراج احمد چانڊيو،اياز ٻرڙو،،سيد ذوالفقار شاھ،واجد گوپانگ،آصف جويو،علي محمد کوسو، پيارل پهنور۽ ٻين جو چوڻ هيو ته قمبر ضلعو اسان کي خيرات ۾ نه پر 4 شهرين جي قربانين عيوض مليو آهي، ضلعي جي قيام کي 21 سال گذري ويا آهن پر هن وقت تائين هن ضلعي جا رهواسي روڊن رستن، صحت، پيئڻ جي پاڻي، تعليم سميت بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، اڳواڻن چيو ته سفارسي آفيسر ضلعي جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن، جنهن جا ذميوار هتان جا اسيمبلين ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا آهن، ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ پبلڪ اسڪول، اين آءِ سي وي ڊي اسپتال، راندين جو گرائونڊ به تعمير ٿي نه سگهيو آهي. ڪرپشن ۽ ضلعي جي ترقي نه ٿيڻ خلاف جلد تحريڪ شروع ڪئي ويندي.