قمبر ضلعي ۾ بدامني وڌي وئي، هڪ ڏينهن اندر 9 ڦر جون وارداتون: 2 چوريون

قمبر ضلعي ۾ بدامني وڌي وئي، هڪ ڏينهن اندر 9 ڦر جون وارداتون: 2 چوريون

قمبر (رپورٽر) قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس جي نااهلي سبب بدامني ۾ اضافو اچي ويو، مختلف واقعن ۾ ۾ ڦورو 5 موٽر سائيڪلون، هزارين رپيا، موبائيل سيٽ ۽ ٻيو سامان کڻي ويا، ڊرگھه ٿاڻي جي حد ۾ پهوڙ واٽر ڀرسان ڦورو غفور چانڊيو کان موٽر سائيڪل، روڪ رقم ڦر ڪئي، ساڳئي علائقي مان ڦورن وريل چانڊيو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي، وارهه ٿاڻي جي حد مان کنڊو روڊ تان ڦورن برهان شابراڻي کان موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، ڏيرا ٿاڻي جي حد مان گل حسن بلوچ کان موٽر سائيڪل کسي ويا،سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد مان مان ڦورو عمر جمالي کان موٽر سائيڪل ۽ 20 هزار ڦر ڪري ويا، علي خان محلي مان ذوهيب سومرو کان موبائيل فون روڪ رقم ڦر ڪئي، شاگرد عبدالوهاب کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي، مستوئي محلي مان فرمان رند کان موٽر سائيڪل، جڏهن ته غيبي ديرو روڊ تي صابر پنهور جي دڪان کي کاٽ هڻي لکين رپين جو سامان چوري ڪري ويا، سمورن واقعن جا پوليس کي اطلاع ڏنا ويا پر پوليس ڪو به جوابدار هٿ ڪري نه سگهي آهي، وڌندڙ بدامني سبب ماڻهو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هوڏانهن  قمبر جي کبڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ رپ وتو مان نامعلوم چور ،ڳوٺاڻن ظفر چانڊيو، مشتاق چانڊيو ۽ لياقت چانڊيو جا 11 ڍور چوري ڪري ويا، چانڊيا برادري جي ماڻهن هٿياربند ٿي ڪجهھ مفاصلي تي واقع مگسي برادري جي گهرن کي ڪڙو چاڙهي بجار مگسي جي گهر ۾ داخل ٿي اتان چوري ٿيل 11 ڍور جنهن ۾ ڳئون ۽ گابا شامل آهن هٿ ڪري ورتا.