قمبر(رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ڪائونسل لاءِ کدڙن فقيرن جون 7 مخصوص سيٽون خالي رهجي ويون آهن
ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر پاران مخصوص سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي
نوٽيفڪيشن تحت ضلعي ۾ کدڙن فقيرن جي 7 مخصوص سيٽن تي ڪنهن به اميدوار فارم نه ڀرايو جنهن سبب اهي خالي قرار ڏنيون ويون
ضلعي جي ٻين مخصوص سيٽن مان عورتن جي سيٽن تي 17 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو جن ۾ صنم،صفيه خاتون، سڀياڻي، ثمينه سرور، انورخاتون، سائما، صبيحه، شمائلا، حميده، اشرف خاتون، ڪوثرپروين، گلزار خاتون، پروين ۽ ٻيون شامل آهن
جڏهن ته نوجوانن، اقليت ۽ ليبر جون 3-3 ۽ معذور جي هڪ سيٽ به ڀرجي وئي آهي