نصيرآباد(رپورٽر ) ايڊيشنل سيشن قمبر جي عدالت سسئي لوهار جي درخواست تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايس ايچ او نصيرآبادکي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو
جاري ڪيل آرڊر ۾ عدالت ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کي ڪيس جي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن مقتول جا وارث ۽ سياسي سماجي اڳواڻ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتا ته ايس ايڇ او موجود نه هو، 4 ڪلاڪن کانپوءِ وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويو
ٻئي طرف نصيرآباد ۾ قتل ٿيل قومپرست ۽ استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سورهين ڏينھن به نوناري محلي کان ٿاڻي تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، مرد، عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي سسئي لوهار، شيبا مغل، ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، سورھيه سنڌي، اشفاق مسڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته عدالت ۾ هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي اعتراض اٿاريا ويا پر نيٺ عدالت وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪرڻ حڪم ڏنو
هنن جو چوڻ هو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وارث چار ڪلاڪ ايس ايڇ او جي غير موجودگي سبب انتظار ڪندا رهيا، ايس ايڇ او پھچڻ بعد گناھ نمبر 32/2024 قلم 302 ۽ 34 پي پي سي تحت نصيرآباد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او هدايت الله بجاراڻي، سرگوڌا واسي غلام محمد ولد محمد رمضان سميت ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو