قمبر: غيبي ديرو ٿاڻي جي ڇت ڪِري پئي، اي ايس آءِ زخمي
جُون 29, 2025
قمبر ) پنهنجي ڊيسڪ ) قمبر جي علائقي غيبي ديرو ٿاڻي جي ڇت ڌماڪي سان ڪِري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ نعمت الله راهوجو سخت زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيل اي ايس آءِ نعمت الله راهوجو کي علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي ، ان موقعي تي پوليس ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٿاڻي جي عمارت کي 2022 جي برساتي ٻوڏ ۾ تمام گهڻو نقصان پهتو هو،اي ايس آءِ ٿاڻي جي عمارت جي ڇت مٿان ڊيوٽي ڏئي رهيو ته ڇت جو ڪجھه حصو هيٺ ڪري پيو، جنهن ۾ اي ايس آءِ زخمي ٿي پيو.