| قمبر: هارڊ بال ٽورنامينٽ ۾ ٽائيگرز جي پي آءِ کي شڪست |
قمبر (رپورٽر) قمبر جي شاھ لطيف ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي نواب شبير احمد خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ هارڊ بال نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾ ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب شهدادڪوٽ، پي آءِ اي ڪرڪيٽ ڪلب قمبر کي 50 رنسن تان شڪست ڏئي اڳئين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو،بلوچ ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون،جواب ۾ پي آءِ اي ڪرڪيٽ ڪلب مقرر 12 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 117 رنسون ٺاهي سگهي،