قمبر: هراسمينٽ جو شڪار وومين پروٽيڪشن سيل انچارج بدلي: الزام هيٺ آيل اهلڪار معطل

ڊسمبر 13, 2024

قمبر(رپورٽ: عبدالرحيم منگي) قمبر جي وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج صنم پروين بروهي طرفان انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري مٿان جنسي هراسان ڪرڻ واريون خبرون اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي اچڻ بعد انچارج ايس ايس پي قمبر روحل کوسو قمبر اچي ڌرين کان بيان وٺي الزام هيٺ آيل ٻنهي اهلڪارن انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري کي معطل ڪري لائين موڪلي سب انسپيڪٽر اعجاز احمد ڀنڊ کي شيٽ برانچ ۾ بطور او ايس آءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي وومين سيل جي هٽايل انچارج ليڊي ڪانسٽبل صنم پروين بروهي ۽ نئين مقرر ڪيل انچارج ليڊي ڪانسٽبل زينت وڳڻ کي بدلي ڪري لائين حوالي ڪري، اي ايس آءِ صبا مغيري کي نئون انچارج وومين پروٽيڪشن سيل مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان ايس ايس پي هيڊ ڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ کي معاملي جو انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي،معلوم ٿيو آهي ته انڪوائري آفيسر طرفان ڌرين کي لاڙڪاڻي گهرائي بيان ورتا ويا، ياد رهي ته اڳوڻي انچارج وومين پروٽيڪشن سيل صنم پروين بروهي طرفان انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري مٿان جنسي طور هراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا هيا ۽ وڊيو پڻ وائرل ڪئي هئي.

هراسمينٽ جا ثبوت موجود آهن، جاچ آفيسر آڏو پيش ڪنديس: صنم

لاڙڪاڻو: ليڊي اهلڪار صنم بروهي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي روئي ويٺي، هن ٻڌايو ته هراسمينٽ جا ثبوت موجود آهن، جاچ آفيسر آڏو پيش ڪنديس، ٻين عورتن کي انصاف ڏياريندي پاڻ جنسي هراسمينٽ جو شڪار ٿي ويس، انصاف جي اميد آهي.

شاهپورچاڪر: جاچ اينٽي ريپ انويسٽيگيشن حوالي، بيان قلمبند

شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر  لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد خالد ملاح پاران معصوم شاگردياڻين کي جنسي هراسان ڪرڻ ۽ فحش حرڪتون ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ ايس ايس پي سانگهڙ اينٽي ريپ انويسٽيگيشن حوالي ڪري ڇڏي آهي، اسڪولي ٻن  شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ ساڻن ڪافي عرصي کان  نازيبا حرڪتون ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل گرفتار جوابدار استاد خالد حسين  ملاح جي 3 ڏينهن پوليس رمانڊ منظور ٿيڻ بعد معاملي جي جاچ اينٽي ريپ انويسٽيگيشن حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته سب انسپيڪٽر اقبال خانزادو جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جاچ ٽيم ۾ ليڊي هيڊ ڪانسٽيبل نرگس ناز به شامل آهي، جاچ ٽيم شاهپورچاڪر پهچي فريادي ڌر ۽ متاثر نياڻين جا بيان قلمبند ڪيا.هراسمينٽ جو شڪار صنم بروهي جي بدلي جو آرڊر اڳوڻي ايس ايس پي جي حڪم تي ٿيو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو انچارج ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ روحل کوسو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار طرفان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس ورتو، قمبر پهچي ڌرين جا بيان قلمبند ڪري انسپڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري کي معطل ڪري نوان آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته وومين ائنڊ چالڊ پروٽيڪشن سيل تي به صنم بروهي کان پوءِ مقرر ٿيل انچارج کي هٽائي نئين انچارج کي مقرر ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي آهي جنهن ۾ معلوم ٿيو آهي ته صنم بروهي جي بدلي جو آرڊر به اڳوڻي ايس ايس پي جي حڪم تي ٿيو آهي.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي انڪوائري ٽيم طرفان ڌرين جا بيان قلمبند

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) ايس ايس پي آفيس قمبر شهدادڪوٽ جي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي هٽايل انچارج صنم بروهي جي الزامن واري وڊيو تي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ طرفان جاچ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد ڊي آءِ جي جي حڪم تي انڪوائري آفيسر ايس پي هيڊڪواٽر / انويسٽيگشن حسيب جاويد سومار ميمڻ جاچ شروع ڪندي ڌرين کي طلب ڪيو، جتي هن صنم پروين بروهي، الزام هيٺ آيل انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ سينيئر ڪلارڪ سڪندر لاشاري جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن.

جناح اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي کي هراسان واقعي جي جاچ شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي سان هراسمينٽ واقعي جي جاچ شروع: انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ مدو وڌائڻ جي گذارش، ان ڏس ۾ جناح اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي مهرين عروج کي يورولاجي شعبي جي سربراھه ڊاڪٽر شهزاد پاران هراسان ڪرڻ جي جاچ لاءِ سيڪريٽري صحت پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي ڪالهه اسپتال پهچي ڊاڪٽرن کان بيان ورتا، ڪاميٽي جي سربراھ ڊاڪٽر ثاقب شيخ ٻڌايو ته انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گھربل آهي، هن وڌيڪ چيو ته جناح اسپتال جي اختيارين پاران قائم ڪيل انڪوائري ڪاميٽي به پنهنجو ڪم ڪري پئي.

ڪراچي: مڱڻو ٽڻڻ بعد نينگري جو وڊيو وائرل ڪندڙ کي9 سال ٽيپ

ڪراچي( اسٽاف  رپورٽر) جوڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ڇوڪريءَ جون غير اخلاقي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدارمحمد شعيب کي پيڪاايڪٽ هيٺ  9 سال قيد ۽ 90 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي،  وڪيل چيو ته جوابدار کي 2017ع ۾ هڪ ڪيس ۾ سزا ٿي چڪي آهي، جوابدار جي اپيل اڃا تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي،  عدالت چيو ته جوابدار سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي فحش تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪري پريشان ڪري رهيو هو، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار ۽ نينگري  جو مڱڻو ٿيل  هو، مڱڻو ختم ٿيڻ بعد جوابدار  نينگري جو تصويرون وائرل ڪيون،

Leave A Comment