قمبر (رپورٽر) ڪشمور ڀرسان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل ڳوٺ ميڻا واسي پورهيت محمد يوسف گراماڻي جي بازيابي لاءِ وارث عورتن، مردن۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي هنن چيو ته سندن نوجوان پنجاب جي ضلعي فيصل آباد ۾ مل ۾ مزدوري ڪندو هو، هفتو اڳ موڪل وٺي ڳوٺ اچي رهيو هيو ته کيس اغوا ڪيو ويو
هنن چيو ته ڌاڙيل 40 لکڀنگ گهري رهيا آھن، ايتري رقم ڪٿان ڏيون، هنن نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي