قمبر واسڻ ناري به راڻيپور جي پيرن مٿان گم ڪرڻ جو الزام، محسن شاهه وٽ ناري هئي: والد

آگسٽ 21, 2023

قمبر ( رپورٽ: رحيم منگي)قمبر ويجهو ڳوٺ ميڻا جي رهواسڻ ناري ثنا گراماڻي 2 سالن کان گم، وارثن طرفان راڻيپور جي پيرن مٿان گم ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي

ناري ثنا جي والد ديدار گرماڻي جو چوڻ آھي ته مون پنهنجي 20 سالن جي ڌي ثنا جي پنهنجي ڀاڻج سان شادي ڪرائي هئي، شادي جي 7 مهينن بعد زال مڙس ۾ اختلافن سبب منهنجي زال ڌي ثنا کي راڻيپور جي حويلي ۾ سيد محسن شاهه وٽ ڇڏي آئي ته توهان سندس مڙس کي گهرائي هدايت ڪري ٻنهي کي ٺاهيو

 اسان ڪجهه ڏينهن بعد ڇوڪري وٺڻ وياسين ته هنن چيو ته مسئلو حل ڪري توهان کي ڇوڪري ڏينداسين، بعد ۾ چيو ته ڇوڪري اسان وٽان هلي وئي آھي،  2 سال گذري ويا پر منهنجي ڌي ثنا جي خبر پئجي نه سگهي آھي

 ناري ثنا جي والد ديدار جو چوڻ آھي ته اسان پيڙھين کان راڻيپور جي پيرن جا مريد آھيون، هاڻي معصوم فاطمه جي واقعي بعد اسان کي انهن جي پرڪارن جي خبر پئي آھي، خدشو آھي ته منهنجي ڌي ثنا کي به هنن گم ڪري يا ماري ڇڏيو آھي

هن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته منهنجي نوجوان ڌي ثنا به حويلي مان پيرن گم ڪئي آھي جنهن جي جاچ ڪري ڌي کي واپس ڪرايو وڃي

Leave A Comment