قمبر ويجهو نوجوان قتل: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: روڊ بند

جُون 28, 2023

قمبر( رپورٽر)  ميروخان تعلقي جي کبڙ ٿاڻي جي حد ۾ باسط لاڙي ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري موٽر سائيڪل سوار 19 سالن جي نوجوان دلبر چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس موجب نوجوان ڳوٺ آتڻ مياڻي جو رهواسي هيو هو موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڀيڻ کي عيد تي گهر وٺي اچڻ جي سلسلي ۾ شھدادڪوٽ وڃي رهيو هو هٿياربندن کيس فائر ڪيو مٿي ۾ پسٽل جي گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي بروقت علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال داخل ڪرايو ويو جتي ڪجهه گهڙين بعد فوت ٿي ويو

واقعي بعد مقتول نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو آھي، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آھن جڏهن ته  وارثن مقتول جو لاش رکي قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو آھي

مظاهرين پوليس جي نااهلي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪري رهيا آھن ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آھي

وارثن جو چوڻ آھي ته پوليس جي نااهلي سبب  واقعو پيش آيو آھي واقعي واري هنڌ ڀرسان پوليس چوڪي هئڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪي به ڪوششون نه ورتيون ويون، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته مقتول نوجوان جو لاش هڪ ڪلاڪ کان ميروخان اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پيل آھي پر اتي ڪو به ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه آھي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام