قمبر ويجھو گهرو اڻبڻت تان عورت گوليون هڻي قتل: مڙس ۽ ڏير تي الزام: گرفتار
مارچ 20, 2025
قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ گهرو اڻبڻت تان جوابدار گوليون هڻي نوجوان ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، صدر ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ گهٽهڙ ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار فائر ڪري 24 سالن جي ڀاڄائي زليخان کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب عورت کي مٿي ۾ فائر لڳل هيو، مارجي ويل عورت جي ڀاءُ الطاف بليدي جو چوڻ هيو ته ڀيڻ سال اڳ آصف بليدي سان شادي ڪئي هئي، سندس مڙس آصف ۽ ڏير منظور بليدي منهنجي ڀيڻ تي تشدد ڪندا هئا، بيماري جي صورت ۾ علاج به نه ڪرائيندا هئا، ڀيڻ فون ڪري ٻڌايو ته مون کي بنا جواز مارڪٽ ڪئي پئي وڃي، مان پنهنجي ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ سندس گهر ويس ته انهن مون سان به منهن ماري ڪئي، جنهن بعد ڏير منظور منهنجي ڀيڻ کي پسٽل جا فائر ڪيا، جنهن سبب هو شديد زخمي ٿي پئي، کيس بروقت علاج لاءِ اسپتال آندو ته هن دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته مقتولا جي والد عبدالنبي بليدي اطلاع ڪيو ته ڌيءُ کي ڏير ۽ مڙس هم صلاح ٿي گهرو اڻبڻت تان گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، پوليس مقتولا عورت جي مڙس ۽ ڏير کي گرفتار ڪري ورتو، آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.