قمبر: پلاٽ جي مالڪي تان نوجوان قتل

جُون 20, 2025

قمبر (پنهنجي ڊيسڪ )قمبر ڀرسان  ڳوٺ سارنگ کهاوڙ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان کهاوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان شيراز کهاوڙ موقعي تي ئي  مارجي  ويو آهي جڏهن ته 3 ڄڻا عامر کهاوڙ ،فرمان کهاوڙ ۽ ڪاشف کهاوڙ زخمي ٿي پيا آهن،

واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون. فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي

ماهي مڪول ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ٿي ويل نوجوان جي لاش کي اسپتال آندو ويو، جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال موڪليو ويو آهي، پوليس موجب واقعو پلاٽ جي مالڪي تان پيش آيو آهي

وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس کي واقعي واري هنڌ گهرايو ويو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري