قمبر: پورهيت جي خيمي کي باهه، 3 ٻارڙا سڙي فوت، 3 زخمي

ڊسمبر 12, 2023

قمبر  ويجهو پورهيت جي خيمي کي باهه لڳڻ سبب 3 ٻارڙا سڙي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

ڳوٺ رب رکيو لاکو ۾ خيمي کي باهه لڳڻ سبب هاشم کوسو جي معصوم ڌيءَ چاهت ۽ سندس 2 ڀائر صحت ۽ امير کوسو سڙي فوت ٿي ويا

ضمير، نصيبان ۽ شيران کوسو زخمي ٿي پيا، سڙي فوت ٿيل ٻارن جا لاش ۽ زخمي ٻار اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

سڙي فوت ٿيلن جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جو ماحول آهي

Leave A Comment